سنڌو پياسي

سنڌو پياسي: مشهور اديب ۽ شاعر سنڌو پياسيءَ جو اصل نالو هوتو ڪلاچند چاڳواڻي هو. هي 1934ع ڌاري ڳوٺ پليي لغاري، تعلقي سنجھوري، ضلعي سانگھڙ ۾ ڄائو. پنج درجا سنڌي تعليم حاصل ڪيائين. ننڍي عمر ۾ شاعريءَ جو آغاز ڪيائين. شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين. ورهاڱي بعد هندستان لڏي ويو، جتي جئپور ۾ شيخن جي محلي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا: ’پياسا گيت‘ ۽ ’نشيلي سرهاڻ‘ شايع ٿيل آهن. جئپور ۾ رهائش پذير هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو